ڊاڪٽر محمد طاهر القادري

ڊاڪٽر محمد طاهر القادري

طاهر القادري علامه ڊاڪٽر

طاهر القادري، علامه (ڊاڪٽر): پاڪستان جي نامياري مذهبي اسڪالر، تحريڪ منهاج القرآن ۽ سياسي جماعت’پاڪستان عوامي تحريڪ‘ جي باني رهنما ڊاڪٽر محمد طاهر القادري 19 فيبروري 1951ع تي جهنگ (پنجاب) ۾ جنم ورتو. سندس والد ڊاڪٽر فريد الدين قادري پڻ هڪ مڃيل عالم دين هو. سندس وڏن جو تعلق سيال خاندان سان آهي، جيڪي تحصيل ۽ ضلعي جهنگ جي چڻيوٽ روڊ تي واقع ڳوٺ کيوا جا نواب هئا. هيءُ شيخ سيد طاهر علاوالدين القادري الگيلاني جو مريد آهي. تعليمي لحاظ کان هن نه صرف مذهبي علم ۾ مهارت حاصل ڪئي، بلڪه جديد علوم ۽ فنون سان به آراسته ٿيو. ان ڏس ۾ سندس والد فريد الدين هڪ ئي وقت کيس ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيارڻ جو خاص اهتمام ڪيو. 1971ع کان 1973ع جي زماني ۾ هن مختلف مسلم ۽ غير مسلم مفڪرن جي انقلابي فڪر جو تاريخي مطالعو ڪيو.مسلمان مفڪرن ۾ هن امام غزالي، الله دهلوي'>شاهه ولي الله دهلوي، مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي ۽ مولانا عبيدالله سنڌي جي فڪر جو اثر قبوليو. جڏهن ته غير مسلم مفڪرن ۾: فريڊرڪ اينجلس، لينن، اسٽالن ۽ مائوزي تنگ شامل آهن. ان مطالعي مان هي ان نتيجي تي پهتو ته انقلابي فڪر جي حوالي سان ڪاميابي جو پختو/پڪو يقين جيڪو غير مسلم مفڪرن وٽ نظر اچي ٿو اهو اڪثر مسلمان مفڪرن وٽ اڻلڀ آهي، جنهن جي بنياد تي هن انقلابي زاويي سان قرآن ۽حديث جو نئين سر گهرو مطالعو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ قرآن مجيد ۽ حديث رسول صلي الله عليه وآله وسلم مان کيس انقلابي ڪاميابي جي حتمي ۽ پڪي ضمانت مهيا ٿي ۽ انقلاب تي سندس ايمان وڌيڪ مضبوط سگهارو ٿيو.
ڊاڪٽر طاهر القادري، جدوجهد جو باقاعده آغاز 1976ع ڌاري جهنگ ۾ علائقاتي سطح تي نوجوانن جي تنظيم ’محاذ حريت‘ قائم ڪرڻ سان ڪيو، جنهن کي پوءِ 1980ع ۾ تحريڪ ’منهاج القرآن‘ جي نالي سان تبديل ڪيائين. ان دوران هن تصنيف ۽ تاليف ۽ درس قرآن جو سلسلو جاري رکيو، جنهن ذريعي سندس فڪر سڄي ملڪ ۽ پوءِ آهستي آهستي ٻين ملڪن ۾ به عام ٿيڻ لڳو. ان دوران پنجاب يونيورسٽي، لاهور ۾ اسلامي قانون تي ليڪچر ڏيڻ سان گڏ وفاتي وزارت تعليم جو رڪن به ٿي رهيو. بعد ۾ وفاقي شرعي عدالت ۾ اسلامي ماهر ۽ قانوني صلاحڪار جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيندڙ پروگرام ”فهم القرآن“ سندس مقبوليت ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو، ان کان علاوه طاهر القادري جن انتظامي سرگرمين ۾ شريڪ رهيو، انهن ۾: 1974ع کان 1975ع تائين گورنمينٽ ڪاليج عيسيٰ خيل، ميانوالي ۾ اسلامي تعليمات جو ليڪچرار 1976ع کان 1978ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، جهنگ جو ايڊووڪيٽ، 1978ع ۾ پنجاب يونيورسٽي جي سئنڊيڪيٽ جو رڪن، 1978ع ڌاري وفاقي شرعي عدالت، پاڪستان جو مشير، اسلامي نصاب جي قومي ڪاميٽي جو ماهر، 1978ع کان 1983ع تائين پنجاب يونيورسٽي لا ڪاليج لاهور ۾ اسلامي قانون جو ليڪچرار، شعبي جو سربراهه ۽ وزيٽنگ پروفيسر، (1983ع کان 1988ع) 1986ع کان هن وقت تائين منهاج يونيورسٽي لاهور جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين ۽ پروچانسلر شامل آهن.
ڊاڪٽر طاهر القادري ديني ميدان سان گڏ سياسي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي. هن 25 مئي 1989ع تي پاڪستان عوامي تحريڪ جي نالي سان هڪ سياسي جماعت قائم ڪئي، جنهن جو بنيادي مقصد پاڪستان ۾ انساني حقن، عدل ۽ انصاف جي فراهمي، عورتن جي حقن جو تحفظ، تعليم ۽ صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي، ملڪي سياست مان رشوت جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ آهي. 2015ع کان پاڪستاني سياست ۾ تمام گهڻو سرگرم آهي ۽ ماڊل ٽائون سانحي ۾ پنجاب حڪومت طرفان مارجي ويل ماڻهن جي پونيئرن کي انصاف ڏيارڻ ۽ حڪمران جماعت پاڪستان مسلم ليگ (نواز) جي ڪرپشن خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهيو آهي. کيس ڪيناڊا جي شهريت پڻ حاصل آهي پر هتان جي سياست ۽ مسئلن تي گهري نظر رکندو پيو اچي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو